اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جو پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ايراني سفارتخاني جي اسٽاف سان گڏ هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وف??قي وزير ميان رياض حسين پيرزاده سان ملاقات ڪئي. وزارت جي ترجمان موجب ايراني سفير وف??قي وزير سان سندس ڀاءُ جي ل??ڏا??ي تي تعزيت ڪئي. وف??قي وزير مشڪل وقت ۾ گڏ بيهڻ تي ايراني سفير جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ايراني قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي خاص محبت ۽ خلوص جو مضبوط رشتو آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ايران ٻه طرفن ناتن تي به تفصيلي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.