اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحا?? ڊار پرڏيهي آفيس ۾ وومين ايسوسيئيشن چيئر??ي بازار جو افتتاح ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ چيئر??ي بازار جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحا?? ڊار پاڪستان فارين آفيس وومين ايسوسيئيشن جي سالياني چيئر??ي بازار 2024ع جو افتتاح ڪيو. چيئر??ي بازار ۾ مختلف سفارتخانن طرفان اسٽال ۽ پنه??جن پنه??جن م??ڪن جي ثقافتي نمائش جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي پرڏيهي سفارتڪار ۽ سندن گهر ڀاتين جو وڏو انگ به چيئر??ي بازار ۾ موجود هو. ان کان علاوه پرڏيهي وزارت جي آفيسرن جو وڏو انگ به ان موقعي تي موجود هو. ان بازار جو مقصد معاشري ۾ مستحق ۽ ڪمزور طبقن جو سهڪار ۽ ڀلائي ڪرڻ آهي.