لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي
اسپيڪر جي تج??يز تي حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڳالهين واري ڪميٽي
جوڙي ڇڏي وزيراعظم آفيس مان جاري بيان مطابق ڪميٽي ۾ نائب
وزيراعظم اسحاق ڊار، راڻا ثنا الله خان، سينيٽر عرفان صديقي شامل هوندا.
ڪميٽي ۾ راجا پر??يز اشرف، نويد قمر، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عليم خان ۽
چوڌر?? سالڪ حسين شامل هوندا. گذريل رات تحريڪ انصاف جي چيئرمين
بئرسٽر گوهر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڳالهين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا
ڪرڻ جي درخواست ڪئي ه??ي، بئرسٽر گوهر تحريڪ انصاف سان ڳالهين
جي آڇ تي زور ڀريو هو. وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر
جي تج??يز مڃيندي حڪومتي اتحاد جي ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪي سلامتي ۽ قومي مفاد کي
مٿا??هو?? رکيو ويندو، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، قومي اسيمبلي جي
اسپيڪر جي ڪوشش ک?? ساراهيان ٿو.