اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان انساني حقن بابت ميٽا جي گلوبل هيڊ ميرينڊا سيسنز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊ??يٽ?? چائلڊ سيفٽي، آن لائن خدشا ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ”ٽيڪ اٽ ڊائون“ قدمن جي ڪاميابي کي اجاگر ڪيو ويو. جيڪا انساني حقن واري وزارت جي ڀائيواريءَ سان شروع ڪئي وئي هئي. اهي قدم غير اخلاقي ۽ نقصان ڏيندڙ مواد کي محفوظ طريقي سان هٽائڻ ذريعي ٻارن کي آن لائن استحصال کان بچائڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن. ان پليٽ فارم جو اردو ويزن جي شروعات کان ان جي رسائي کي وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پاڪستان جي نوجوانن کي فائدو رسي. وفاقي وزير ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ وزارت جي مستقل عزم تي زور ڀريو ۽ سائبر بلنگ ۽ آن لائن استحصال بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڊ??يٽ?? تعليمي مهم ۽ عوامي آگاهي وارن پروگرامن جهڙا قدم نمايان آهن. اهي قدم ٻارن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ ۽ ڪٽنبن کي ڊ??يٽ?? دنيا ۾ محفوظ طريقي سان رستو ڳولڻ لاءِ قابل بنائڻ لاءِ ضروري آهن. ٻنهي ڌُرين ڊ??يٽ?? قانونن جي مطابقت کي ميڪانزم جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيئن انساني حقن جي معيارن مطابق پاليسيون جوڙي سگهجن، آن لائن نقصانن ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪري سگهجي ۽ ڊ??يٽ?? پليٽ فارمز کي پاڪستان جي ثقافتي ۽ مذهبي قدرن جي حساسيت جي روشنيءَ ۾ رکي سگهجي. وفاقي وزير ميٽا ۽ مختلف وزارتن خاص طور تي آءِ ٽي وزارت ۽ گهرو وزارت وچ ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته جيئن انساني حقن جي ڊ??يٽ?? شعبي ۾ محفوظ رکڻ لاءِ اثرائتيون پاليسيون لاڳو ڪري سگهجن. ميرينڊ اسيسنز آن لائن پليٽ فارم تي خطرن جي انتظام جي چئلينجن کي تسليم ڪيو ۽ وزارت سان ڊگهي ??ُد?? وارن حل طلب مسئلن تي ??يج??ي سهڪار لاءِ ميٽا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي ايڪٽ 2016ع پيڪا کي م??بو?? بنائڻ تي به روشني وڌئي ته جيئن ڊ??يٽ?? گورننس جي ڍانچي کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ آئيني آزادين جو تحفظ ڪري سگهجي.