اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽر ڪيپٽن (ر) شاهين خالد بٽ پاڪستان ب??ت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. هن اداري جي آفيسرن سان اجلاس جي صدارت ڪندي موجوده عوامي ڀلائي جي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. اي?? ڊي پاڪستان ب??ت المال سينيٽر ڪيپٽن (ر) شاهين خالد بٽ اداري جي غريب دوست قدمن کي ساراهيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته اي??دڙ ڏينهن ۾ هي ادارو ??ڌي?? موثر انداز سان ملڪ مان غربت جي خاتمي ل??ءِ پنهنجون ذميواريون نڀائيندو. هن چيو ته ملڪ جي مشهور ۽ وڏي عوامي ڀلائي واري اداري جو سربراهه بڻجڻ منهنجي ل??ءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ هڪ اهم ذميواري آهي. وزيراعظم مون کي هي عهدو سونپي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان تي پورو لهڻ ۽ سڄي ملڪ جي ڏکويل ۽ محروم ماڻهن جي بي لوث خدمت ل??ءِ پرعزم آهيان.