اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان هن سال گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، ع??ائقائي ۽ عالمي مسئلن تي يورپ ۾ پنهنجي حصيدارن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکي، اسان جو ڌيان اقتصادي تعاون کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪرڻ ۽ اعليٰ تعليم ۽ روزگار جا موقعا ڳولڻ تي مرڪوز رهيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪيترن ئي يورپي ??لڪ?? سان ليبر مائيگريشن، پائيدار بنيادي ڍانچي جي منصوبن، سول ايوي ايشن ۾ فني تعاون ۽ گري?? پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ تي اهم مفاهمتون طئي ٿيون. ترجمان چيو ته يورپي يوني?? پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) تي هنيل چار سالن جي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ پي آءِ اي جي يورپ جون لاءِ اڏامون بحال ٿي ويون آهن. هن چيو ته پاڪستان وسيع تر خطي ۾ پڻ اڏامن جي بحالي جي لاءِ غيريورپي يونين جي ??لڪ?? سان مصروف عمل آهي.