اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي درگذر جو رويو اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه اسان کي معاشري ۾ ترقي پسند سوچ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هيلٿ سرو??ز واري وزارت طرفان وفاقي گادي واري شهر جي اسڪولن ۾ ٻارن جي ذهني دٻاءُ جي جائزي جي پروگرام سان ٻارن کي نفسياتي دٻاءُ ۽ مسئلن کان بچائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪس??ان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ نوجوانن کي درپيش ذهني صحت جي چئلينجز ۽ ان جي حل بابت سي??ين??ر کي خطاب ڪندي ڪيو.