اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”ڪوويڊ 19 جي خلاف عوام جي ويڪسين“ جي لاءِ اپيل تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ چيو آهي ته ڪو به ليڊر ان وقت تائين آ??ام سان نه ٿو ويهي سگهي جيستائين هر ملڪ جي هر شهري کي مفت ويڪسين تائين پهچ نه ٿي ملي. وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي خلاف عوام جي ويڪسين جي لاءِ اپيل ۾ عالمي اڳواڻن سان گڏ شامل ٿي ويو آهي، ان اپيل ۾ مطالبو ڪ??و ويو آهي ته جڏهن ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ويڪسين تيار ٿي وڃي ته اها سمورن ملڪن ۾ سڀ??ي م??ڻه?? کي مفت ملڻ گهرجي.