اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني ڀارتي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي ذريعي ان علائقي ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀار??ي ارادن جي خلاف پاڪستان عالمي س??ح تي ڀرپور سفارتي مهم هلائي. ان مهم ذريعي عالمي برادري ۽ عالمي ادارن کي ڀارت جي غيرجمهوري ۽ انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ڪڌن قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي غيرقانوني ارادن کي جانچيندي والاريل ڪشمير جي صورتحال کي عالمي س??ح ??ي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پهرين آگسٽ 2019ع تي پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين، سري نگر ۾ اضافي فورسز مقرر ڪرڻ جي حوالي س??ن ڀارتي جي امڪاني غيرقانوي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ گڏيل قومن تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي ممڪن ڀارتي قدم جي ڀپرور مخالفت ڪندو جنهن سان والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي ڪري سگهجي. پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ خطي ۾ امن امان جي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران عالمي س??ح تي سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون ۽ 40 کان وڌيڪ ملڪن جي پ??ڏي??ي وزيرن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي ڊوميسائيل قاعدن ۾ تبديلي ذريعي والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ پ??ڏي??ي وزير سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا ۽ انهن کي ڀار??ي ارادن کان آگاهه ڪيو.