اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع پارليامينٽ کي غربت، ب??روزگاري ۽ ناڻي واڌ جهڙا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر جو ??وڻ آهي ته آئون رڳو پي ٽي آءِ جو اسپيڪر نه آهيان پر پوري ايوان جو ??سٽوڊين آهيان، موثر قانونسازي جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي ۽ پارليامينٽ ذريعي ئي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي ٿو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز ۾ قومي اسيمبلي اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ج??ري وڊيو پيغام ۾ قومي اسيمبل?? جي ميمبرن جي قانونساز?? جي صلاحيتن ۾ اضاف?? جي ضرورت تي زور ڏنو.