اسلام آباد – 26 مئي (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته اوڀر پاڪستان جي جدا ٿيڻ ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ بدعنواني جو به ڪردار رهيو آهي، ماضي ۾ پاڪست??ن ۾ ڪرپشن جي حوالي سان نالي ماتر آزادي رهي آهي، آءِ پي ??يز جي ذريعي ملڪ کي نقصان پهچايو ويو، جن ماڻهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو انهن کي شرم تائين نه ٿي اچي. هن اها ڳالهه نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چئي.