اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏي??ي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد م??يد خان آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي سڀاڻي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مم??از زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏي??ي سيڪريٽري اجلاس ۾ ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندو. هن چيو ته پرڏي??ي سيڪريٽري اي آر ايف ۽ خطي جي ملڪن سان وسيع حصيداري جي لاءِ علائقائي تعاون ۽ مڪالمي جي پاڪستان جي خواهش جو خاڪو پيش ڪندو. ڊاڪٽر اسد م??يد خان آسيان ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جڪارتا انڊونيشيا ۾ آهي. ان کان اڳ پرڏي??ي سيڪريٽري جڪارتا ۾ ٿائيلينڊ جي هم منصب ۽ آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. هو انڊونيشيا جي صدر کانسواءِ پرڏيهي وزير ۽ انڊونيشيا جي سياسي، قانوني ۽ سيڪيورٽي معاملن جي رابطن واري وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. پرڏي??ي سيڪريٽري جي ويٽنام ۽ تيمورليسٽي جي پرڏيهي وزيرن ۽ ملائيشيا ۽ برطانيا جي پرڏي??ي سيڪريٽرين سان پڻ ملاقات جو امڪان آهي.