اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان جي ماڻهن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس کي گلگت بلتستان ۾ وفاقي حڪ??مت پاران عطا آباد ۽ هارپو ۾ پن بجلي جي ٻن منصوبن تي جاري ڪم جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن منصوبن جي تڪميل سان گلگت بلتستان ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته نلتر ايڪسپريس وي جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي جيڪو علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزي??اع??م گلگت بلتستان ۾ س??احت جي ترقي ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي. ??زي??اع??م گلگت بلتستان کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان ڪميٽي جوڙيندي هدايت ڪئي ته ڪميٽي گلگت بلتستان کي درپيش سمورن مسئلن تي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري، گلگت بلتستان جي ماڻهن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي. وزي??اع??م چيو ته گلگت بلتستان ۾ غريب ۽ لاچار خاندانن سان تعلق رکندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ دانش اسڪول قائم ڪري رهيا آهيون. دانش اسڪول ٻارن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ رهائش جي سهولت پڻ فراهم ڪندا. وزي??اع??م هداي ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ س??احت جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي پيش ڪيون وڃن ۽ گلگت بلتستان جي ٽن??ي ڊويزنن ۾ دانش اسڪول تعمير ڪيا وڃن. وزي??اع??م گلگت بلتستان ۾ عطا آباد ۽ هارپو پن بجلي منصوبي جي تڪميل تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گلگت بلتستان ۾ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪئي وڃي.