اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته پاڪستاني نوجوان اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن ڇاڪاڻ ته اهي مستقبل جا خواب ڏسڻ وارا ليڊر آهن، اسان جو فرض آهي ته اسان کين پن??نجون صلاحيتون نکارڻ ۽ هڪ خوشحال پرامن ترقي پسند پاڪستا?? جي تعمير لاءِ موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪيون. وزيراعظم جو يوٿ پروگرام نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي عزم جو ثبوت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان نوجوان?? جي عالمي ڏينهن 12 آگسٽ 2024ع جي موقعي تي پن??نجي پيغام ۾ صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان آصف علي زرداري چيو آهي، ته مان نوجوان?? جي عالمي ڏينهن تي پاڪستا?? جي متحرڪ نوجوانن کي دلي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. نوجوان اسان جو مستقبل آهن، اڄ اسان نه رڳو نوجوان نسل جي صلاحيتن جو اعتراف ڪيون ٿا، پر ملڪي ترقي ۾ انه?? جي ڪردار کي به ساراهيون ٿا. صدر چيو ته پاڪستاني نوجوان اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن ڇاڪاڻ ته اهي مستقبل جا خواب ڏسندڙ ليڊر آهن. هي اسان جو فرض آهي ته اسان کين پن??نجون صلاحيتون نکارڻ ۽ هڪ خوشحال پرامن ۽ ترقي پسند پاڪستا?? جي تعمير لاءِ موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪيون. هن چيو ته يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم جهڙن قدمن ذريعي سڄي ملڪ ۾ 6 لک ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن. هن چيو ته اها ڳالهه يقيني بڻائي رهيا آهيون ته اسان شاگر?? ڊجيٽل دنيا مان ڪاميابي لاءِ ليس آهيون. هن چيو ته يوٿ بزنس لون پروگرام تحت 186 ارب روپيا ورهائڻ سان ڪاروباري ماڻهن ۾ هڪ نئين نسل اڳتي آئي آهي جيڪا نه صرف نوڪريون پيدا ڪري رهي آهي، پر معاشي ترقي کي به اڳتي وڌائي رهي آهي. ٻئي طرف يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت 4 لک 50 هزار نوجوانن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ لاءِ تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. صدر مملڪت چيو ته نوجوانن کي اسپورٽس ٽيلنٽ هنٽ ۽ گرين يوٿ موومينٽ ذريعي فعال ڪرڻ سان نه صرف جسماني تندرستي کي ??ٿي ملي رهي آهي پر ماحول طرف جانبداري جو احساس پڻ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته صدر طور مون کي پن??نجي نوجوان?? جي ڪاميابين تي فخر آهي انه?? جي توانائي، تخليقي صلاحيتون ۽ استقلال اسا?? جي قوم جي ڪاميابي جا سبب آهن. هن چيو ته مان هر پاڪستاني نوجوان کي درخواست ڪيان ٿو ته اهي پن??نجي لاءِ دستياب موقعن مان فائدو کڻن ۽ وڏا خواب ڏسن ۽ پن??نجي ملڪ جي بهتري لاءِ اڻٿڪ محنت ڪن. اچو گڏجي پن??نجي نوجوان?? جي سار سنڀال ۽ واڌ ويجهه ۾ مدد ڪيون. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو مستقبل انه?? جي ڪاميابي تي ٻڌل آهي.