اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارت ۾ تابڪار مواد جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جي بار بار پيش ايندڙ ??اق??ن جي رپورٽس تي سخت ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ تابڪار مواد سان گڏ هڪ گينگ جي گرفتاري تي پاڪستان جي ردعمل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته تازي ??اق??ي ۾ هڪ انتهائي تابڪار ۽ زهريلو مواد ڪيليفورنيم غيرقانوني طور تي ماڻهن جي هڪ گروهه جي قبضي ۾ ڏٺو ويو، جنهن جي ماليت 100 ملين ڊالر آهي، 2021ع ۾ ڪيليفورنيم جي چوري جا 3 ??اق??ا به رپورٽ ٿيا هئا، گذريل مهيني 5 ماڻهو ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سينٽر (بي اي آر سي) مان مبينا طور تي چوري ٿيندڙ تابڪار ڊيوائيس سان گڏ دهرادون ۾ ڏٺا ويا هئا. ترجمان چيو ته بار بار ٿيندڙ اهي ??اق??ا نئين دهلي پاران ائٽمي ۽ ٻئي تابڪار مواد جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن تي سواليه نشان آهن. هن چيو ته اهي ??اق??ا ڀارت ۾ حساس، ٻٽي استعمال جي مواد جي بليڪ مارڪيٽ جي وجود جي به نشاندهي ڪن ٿا، عالمي برادري ڀارتي عملدارن کان ان ڳالهه تي سنجيد??ي سان پڇاڻو ڪرڻ جي خواهشمند آهي ته ڪيليفورنيم وانگر هڪ سيل شده تابڪار ماخذ (ايس آر ايس) مواد ڪهڙي طرح پڪڙجي ويل ماڻهن جي قبضي ۾ هو. ترجمان چيو ته ڀارت ۾ اهڙي طرح جي حساس مواد جو غلط هٿن ۾ وڃڻ جو معمول خطرناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن ??اق??ن جي مڪمل جاچ ۽ انهن ??اق??ن کي روڪڻ جي لاءِ مناسب قدمن جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو.