اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس (نشان حيدر) جي 53 هين شهادت جي ڏهاڙي تي ملڪ لاءِ شهيد پائليٽ جي لازوال قرباني کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد پائليٽ آفيسر راشد منها?? جي عظيم قرباني وطن سان اڻ مٽ محبت، بي مثال جرئت ۽ لازوال عزم جو نه وسارڻ جوڳو مثال آ??ي. راشد منها?? جي عظيم قرباني تي سڄي قوم اڄ به فخر ڪري ٿي. شهيد راشد منهاس ملڪي دفاع لاءِ پختي عزم ۽ غير معمول?? بهادري جو مظاهرو ڪيو. محسن نقوي چيو ته شهيد راشد منها?? جي وطن سان محبت جي لازوال قرباني کي قوم هميشه ياد رکندي. هن چيو ته شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس قوم جو هيرو آهي، جيڪو سدائين اسان جي دلين ۾ زنده ر??ندو.