اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ٿيل پاڪستاني ??ائ??ين جا م??هه واپس آڻڻ لاءِ جمعي ڏينهن سي ون ٿرٽي جهاز ايران روانو ٿي ويو. جاري بيان موجب پاڪستان ايئرفورس جو سي ون ٿرٽي جهاز نور خان ايئربيس کان ايران جي لاءِ روانو ٿيو جيڪو جمعي ڏينهن ٽپهر ساڍي 3 وڳي تائين يزد ايئرپورٽ ايران پهچندو. پاڪستاني ??ائ??ين جا م??هه ايران مان واپس آندا و??ندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ذاتي طور تي پاڻ سڄي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ بدقسمت بس ۾ سوار 51 مسافرن مان 28 پاڪستاني ??ائ??ين شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 23 زخمي ٿيا آهن ۽ 14 ??ائ??ين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. يزد ايران کان لاڙڪاڻي تائين ڊگهي فاصلي ۽ گرم موسم جي ڪري ايران ۾ پاڪستان جي سفير پاڪستاني ??ائ??ين جا م??هه فضائي ??ستي وسيلي پاڪستان موڪلڻ جي سفارش ڪئي هئي، ان حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستاني ??ائ??ين مان اڪثر جو تعلق سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي سان آهي.