اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وف??قي وزير ڄ??م ڪمال خان چيو آهي، ته ڊينمارڪ حڪومت طرفان معدنيات ??ي شعبي م سهڪار ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لينولف جي سربراهي ۾ ميڪو ڪيٽو گروپ جي سي اي او فل سمڊٿ سان گذريل ڏينهن ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وف??قي وزير عبدالعيلم خان، مصدق ملڪ ۽ محمد اورنگزيب به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي واپار واري وزير چيو ته ڊينمارڪ پاڪستان جو انتهائي اهم ڪاروباري شراڪتدار آهي ۽ اسان ان شراڪتداري کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا. ملاقات ۾ ڊينمارڪ جي سفير چيو ته ڊينمارڪ گذريل 30 سالن کان پاڪستان ۾ اسٽيٽ آف ??ي آرٽ منصوبن ۾ سرگرم آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپا قائم آهن. ملاقات ۾ وف??قي وزيرن چيو ته پاڪستان ۾ معدني وسيلن جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جن ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿي سگهي ٿي. پيٽروليم واري وف??قي وزير مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان معدنيات ??ي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو. پاڪستان مستقبل ۾ ڊينمارڪ سان ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ ۽ وڌيڪ سهڪار جو منتظر آهي. وف??قي وزير عبدالعليم خان چيو ته ڊينمارڪ سان سيڙپڪاري حوصلو ڏيندڙ آهي، هاڪاري نتيجا سامهون ايندا، حڪومت نجي شعبي جي سهڪار سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. وف??قي وزير محمد اورنگزيب پنهنج?? کاتي طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واپار کي درپيش سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.