اسلام آباد-04 ??يپ??مبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته زراعت کي ج??يد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ تحت زرعي شعبي ۾ هڪ هزار ماهرن جي چين ۾ تربيت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير ۽ خوراڪ و زراعت واري وزارت جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته زراعت کي ج??يد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم جي خ??وص?? هدايت تي هڪ هزار ماهرن کي چين موڪليو پيو وڃي، جديد رخن تي هموار ڪرڻ زراعت جي شعبي ۾ تربيت حاصل ڪندا. هن چيو ته اسان وٽ بهترين وسيلا موجود آهن، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهجي ٿو، اميد آهي ته تربيت لاءِ چين وين??ڙ هڪ هزار ماڻهو ملڪ ۾ زرعي انقلاب جا معمار بڻجندا. وفاقي وزير راڻا تنوير ح??ين چيو ته زرعي شعبي ۾ ترقي وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي، زراعت جي شعبي جي هدف کي حاصل ڪيو ويندو، زراعت ۾ روايتي طريقي واري پوک کي تبديل ڪيو ويندو.