اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي س??ن پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ناڻي ??اڌ جي شرح ۾ تيزي س??ن ٿيندڙ گهٽتائي جي ڪري وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي ??اڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته معيشت جي بحالي ??ي حوالي س??ن ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.